رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ غيرهٿياربند فلسطيني?? کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائي?? کي رد ڪري ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي ??زير شهزاده فيصل بن فرحان آمريڪا، مصر، قطر، اردن جي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي ??اليسي جي سربراهه سان ٽيليفون تي فلسطين بابت صورتحال تي ڳالهيون ڪندي اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ کي گهٽائن ۽ سمورين ڌري?? کي انساني حقن بابت عالمي قانونن جي احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن صورتحال کي پرسڪون ڪرڻ ۽ وڌيڪ تشدد کان بچڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي ضرورت تي به زور ڀريو. ٽيليفونڪ رابطي ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي فوري طور روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت بابت ڳالهيون ڪيون. مصر جي پرڏيهي ??زير ۽ اردن جي ن??ئب وزيراعظم سان رابطي دوران غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائن لاءِ گڏيل قدم تيز ڪرڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون. قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير سان ٽيليفون تي رابطي ۾ غزه جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ روڪرائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه آمري??ي پرڏيهي ??زير هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته پرڏيهي ??زير انٽوني بلنڪن فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ رابطي م فلسطيني اٿارٽي تي اولهندي ڪناري ۾ امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ تي زور ڀريو.
غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪيون ٿا: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ