بيجنگ- 15 جنوري (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هوائي ڪارگو جو نئون روٽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار لاءِ هڪ اهم محرڪ ۽ ٻه طرفي رابطن جي شعبي ۾ هڪ اهم قدم آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هوائي ڪارگو جو نئون روٽ هڪ سٺو سنوڻ ۽ سٺي اڳڀرائي سميت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار لاءِ هڪ اهم محرڪ ۽ ٻه طرفي رابطن کي نظر ۾ رکندي هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 4 ايئر لائنز پهريان کان ئي هف??يوار ڪيتريون ئي ڪمرشل اُڏامون هلائي رهيون آهن. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ نئين هوائي ڪارگو روٽ جي شروعات گذريل هف??ي ڪئي وئي هئي جيڪا وچ چين جي صوبي هوبي جي ايزوهواهو ايئرپورٽ تي لاهور سان ملي ٿو. ايزو – لاهور ڪارگو روٽ پهريون عالمي ڪارگو روٽ آهي جيڪو ان سال ايس ايف ايئر لائنز طرفان شروع ڪيو ويو آهي جيڪو چين جي پهرين ڪارگو فوڪسڊ جي هوائي اڏي ايزوهواهو ايئرپورٽ تان رو??نو ٿيو آهي. ايزو- لاهور روٽ کي هف??ي ۾ 3 ڀيرا هلائڻ جو منصوبو آهي جيڪو هر هف??ي ايزو کان لاهور تائين 300 ٽن کان وڌيڪ هوائي چُرپر جي گنجائش فراهم ڪري ٿو. چُرپر جي سامان ۾ بنيادي طور تي ٽيڪسٽائل، سي 3 اليڪٽرانڪ مصنوعات ۽ اليڪٽرانڪ اوزار وغيره شامل آهن. ان عالمي ڪارگو روٽ سان چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتادي ۽ و??پاري ڏي وٺ لاءِ هڪ اثرائتو ۽ مستحڪم ايئر لاجسٽڪس چينل ملندو.
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ نئون ڪارگو روٽ واپار لاءِ اهم محرڪ ۽ ٻه طرفي رابطن جي شعبي ۾ هڪ اهم قدم آهي: پاڪستاني سفير خليل هاشمي
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار