گڏيل قومون-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ گذريل ڏينهن ٿيل دهشتگرد حملي ??ي مذمت ڪئي آهي جنهن جي ذميواري داعش خراسان قبول ڪئي. پرڏيهي خابرو ا??اري موجب سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن گذريل ڏينهن پريس بيان ۾ ڪابل ۾ ٿيل دهشتگرد حملي ??ي مذمت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلي?? ۾ ??فغانستان سان گڏوگڏ دنيا ۾ ام?? ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي. هن زور ڀريو ته دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث عنصرن، مالي مدد ۽ سرپرستي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تحت پنهنجي ذميوارين موجب ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال تعاون ڪن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڪابل ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں