امرتسر – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائوندري تي ڀارتي اڳرائي باوجود هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ جٽادار امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ??هي?? افغانستان جي مسئلي جو فوجي ناهي، اهو مسئلو افغان عوام جي خواهشن مطابق ڳالهين سان نبيريو وڃي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغان عوام ۽ حڪومت سان گڏ ??هي?? سارڪ سربراهه ڪانفرنس جو ملتوي ٿيڻ علائقائي سهڪار جي ڪوششن لاءِ ڌچڪو آهي. افغانستان ۾ امن ۽ ترقي جي حوالي سان ڇهين هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت اعزاز جي ڳالهه ??هي?? ڇڪتاڻ باوجود شرڪت خطي ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي. افغانستان کي پاڪستان رستي واپاري سهولتون ڏيڻ لاءِ اسن پر عزم آهيون، پاڪستان گذريل 30 سالن ک??ن لکين پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي ??هي?? گڏيل قومن جي اداري سان گڏجي افغان پناهگيرن جي با عزت پنهجي ملڪ واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
ڪانفرنس ۾ شرڪت افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت