اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چو??ڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جي??ي ايندڙ مهيني بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ?? پيش ڪيون ??ينديون جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالياتي خودمختياري ڏني ويندي، چونڊ تڪ وڌائڻ جي حوالي سان فيصلو آدمشماري کانپوءِ ڪيو ويندو. ڪابينا ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن کي 5 لک رپيا ۽ سخت زخمين کي ڏيڍ لک رپين جي ادائيگي جي پڻ منظوري ڏني آهي. افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن جو عمل ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ڪيو ويندو ۽ سرحد ??ي اميگريشن جا قانون ??اڳو ڪيا ويندا. اها ڳالهه قانون ??اري وفاقي وزير ز??هد حامد ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌائي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي ملڪ ۾ 46 جديد اسپتالون ??نگامي بنيادن تي تعمير ڪيون ??يون ??ڃن.
وفاقي ڪابينا پاران پارلياماني ڪميٽي جون سفارشون منظور
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ