ڊن هوانگ (چين) – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائري??ٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبن سان واڳيل ملڪ ۽ خطو پنه??جي ڪاميابين کي گڏ ڪري ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ جي زبردست موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي صوبي گانسو جي شهر ڊن هوانگ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي تي منعقد ٿيندڙ ميڊيا ڪارپوريشن فورم کي خطاب ۾ ڪيو. فورم ۾ 126 ملڪن ۽ عالمي ادارن جي 265 صحافتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. فورم جو اهتمام چين جي صوبي گانسو جي حڪومت ۽ ناليواري چ??ني اخبار پيپلز ڊيلي گڏيل طور تي ڪيو آه??. ا?? پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ پنه??جي خطاب ۾ چيو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهو رخ آهي جنهن تي عملدرآمد ان وڏي منصوبي کي ڪاميابي جي داستان بڻائي ڇڏيندو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ