کٽمنڊو – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آه?? ته پاڪستان علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيائي تنظيم (سارڪ) کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن تي ڪاربند رهيو آه??، هن اها ڳالهه سارڪ سيڪريٽريٽ جي دوري دوران پنهنجي خطاب ۾ چئي ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ٻوٽو به پ??کي??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين سارڪ کي خودمختيار برابري جي اصول تي ٻڌل علائقائي تعاون لاءِ هڪ فعال ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته سارڪ ميمبر ملڪن جي اقتصاديات کي سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل اهميت جي مختلف شعبن ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت رکندڙ آه??، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تنظيم کي خطي جي معيشت، ثقافت ۽ سماجي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین