اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته عاشور جو ڏهاڙو اسان کي ڪربلا جي شهيدن جي ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا هنن حق جي سربلندي ۽ دين مح??دي صه جي بقاءَ لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ ڏني. امام حسين رضه جي شهادت جو هي عظيم واقعو هر سال مسلمانن کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڏاڍ ۽ ظالم طاقتن جو خات??و ڪرڻ جي لاءِ ??رورت جي وقت ??ند??ي جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ گهرجي. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن حق ۽ باطل جي جنگ ۾ پاڻ نواسه رسول صه پنهنجي ۽ خانواده رسول صه جي جانين جي عظيم قرباني ڏني ۽ پنهنجي شهادت سان ڪربلا سانحي جي سبق کي دنيا جي انسانيت جي لاءِ ??العموم ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ ??اص طور مشعل راهه بڻائي ڇڏيو. عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??يثار ۽ قرباني جو درس ڏي ٿو. اعليٰ مقصد ۽ استقامت حق جو حصول ئي اهو نصب العين آهي جنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني کان ڪيٻائڻ نه گهرجي.
صدر ممنون حسين پاران عاشور واري ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ