بيجنگ-18 ڊس??بر (اي پي پي) چين چيو آهي ته چيني صدر شي جنگ پنگ جو نمائندو ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جو نائب چيئرمين شهرت ذاڪر سومر ڏينهن ڪويت جي مرحوم امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق صدر شي جن پنگ ڪويت جي نئين امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ک?? امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي وفات تي تعزيت جو پيغام موڪليو آهي، جڏهن ته سندس خاص نمائندو آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو. هن جو چوڻ هو ته صدر شي جن پنگ پنهنجي ??ڪو??ت ۽ عوام طرفان ڪويت جي مرحوم امير جي وفات تي تعزيت ۽ مرحوم جي وارثن ۽ ڪويتي عوام سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪويتي عوام جي قا??ل احترام امير نواف چين ڪويت لاڳاپن جي ترقيءَ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. ٻئي پاسي چين جي وزيراعظم لي ڪيانگ پڻ ڪويتي هم من??ب شيخ احمد نواف الاحمد الصباح جي نالي پنهنجو تعزيتي پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ ??ڪو??ت سان تعزيت ۽ـ مرحوم امير جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.
چيني صدر شي جنگ پنگ جو نمائندي شهرت ذاڪر ڪويت جي امير جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی