گڏيل قومون -22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ايٽمي ه??يارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري تي پابندي جي تجويز واري معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ايٽمي ه??يارن لاءِ ٻارڻ طور استعمال ٿيندڙ تابڪاري مواد جي پيداوار تي پابندي جي تجويز جي معاهدي جي مخالفت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته جن ملڪن کي اڳ ئي ڪيترائي ٽن يورينيم رچاءُ تيار ڪرڻ جي ض??ورت ناهي اهي ملڪ ان انبرابري واري معاهدي تي ض??ورت کان وڌيڪ زور ڏئي رهيا آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان اقبال جدون جنرل اسيمبلي جي ه??يارن جي خاتمي ۽ عالمي سلامتي جي معاملن سان لاڳاپيل فرسٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته تجويز ڪيل معاهدي جي نتيجي ۾ رڳو ا??ٽمي ه??يارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي ڇو ته هي معاهدو ا??ٽمي عدم توازن کي طاقت ئي وٺائيندو ا??هي لاءِ ان جي ايٽمي ه??يارن جي خاتمي جي حوالي سان اثرائتي ۽ ڪامياب هئڻ جا ڪي به امڪان ناهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته اهي ملڪ جن اڳ ئي ڪيترائي ٽن تابڪاري مواد جو رچاءُ گڏ ڪري رکيو آهي انهن کي ته هي مواد تيار ڪرڻ جي ض??ورت ناهي، ان لاءِ هو ا??ندڙ منطقي قدمن طور تابڪاري مواد جي رچاءَ جي هڪ حد مقرر ڪرڻ جهڙي تجويز تي زور ڏئي رهيا آهن. اهڙيون تجويزون پيش ڪندڙن ۾ اهي ملڪ جوش ۽ خورش سان شامل آهن جيڪي ايٽمي دفاع کي وسعت ڏيڻ ۽ ايٽمي ه??يارن جي اشتراڪ جي انتظامن لاءِ ٻين ملڪن تي ڀاڙيندا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته جيڪڏهن تابڪار مواد جي پيداوار جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪير سنجيده آهي ته کين ٻٽي معيار کي رد ڪندي پنهنجي ڪوششن جي شروعات ڏکڻ ايشيا جي ڪنهن ملڪ مثال طور ڀارت سان ايٽمي تعاون جي خاتمي سان ڪرڻ گهرجي جنهن حفاظتي انتظامن کان سواءِ تابڪار مواد جي رچاءَ کي ذخيرو ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي ۽ هاڻي ايٽمي ه??يارن ۾ استعمال جوڳي تابڪار مواد جي وڏي پئماني تي تياري جي راهه تي گامزن آهي. هن نشاندهي ڪئي ته خطي ۾ سڀ کان پهرين ڀارت ايٽمي ه??يار متعارف ڪرايا، ڀارت ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدن تي صحيحين کان انڪار ڪري ٿو، پاڪستان خلاف جارحيت ج?? ڌمڪي ڏئي ٿو، ڄمون ڪشمير تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل درآمد کي رد ڪري ٿو ۽ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرشپ جو خواهشمند هئڻ سان گڏوگڏ تحمل جي قدمن تي ڳالهين کي به رد ڪري ٿو. هن ايٽمي ه??يارن کان پاڪ دنيا جي مقصد لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو هڪ عالمگير، تصديق جوڳو ۽ غير امتيازي طريقي سان حاصل ڪيو وڃي. اهو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ انٽرنيشنل ڪنوينشن آن نيگيٽو سيڪيورٽي اشوئرنسز (اين ايس ايز) سان عالمي ايٽمي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان اين ايس ايز تي پنهنجي ٺهراءَ جو مسودو به پيش ڪندو. هن ايٽمي ه??يارن جي خاتمي جي ذميوارين کي پورو نه ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسان کي انهن رياستن جي سيڪيورٽي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ به پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن جيڪي انهن رياستن کي پنهنجي دفاع لاءِ ايٽمي ه??يارن جي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جهڙن قدمن ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا.
پاڪستان پاران ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري تي پابندي لاءِ تجويز ڪيل معاهدو رد
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ