گڏيل قومون-28 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته غزه پٽي جي اتر ۾ جاري سخت اسرائيلي فوجي ڪارروائين دوران فلسطيني شھ??ين جي فوتگين جي صورتحال تي سخت صدمي جو اظھار ڪيو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان گذريل ڏينھن بيان ۾ چيو آھي ته غزه جي صحت واري وزارت مطابق گذريل ڪجھه ھفتن دوران غزه ۾ اسرائيلي ڪارروائين دوران سوين فلسطيني شھيد ٿيا ۽ 60 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو ٻيھر لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آھن ۽ اھو به خدشو آھي ته انھن مان ڪيترا ئي ماڻھو سندن گھر واپس نه وڃي سگھندا. بيان ۾ ھن چيو ته اتر غزه ۾ ڦاٿل فلسطيني شھ??ين جي حالت ناقابل برداشت آھي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته اتر غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي تباھي خاص طور تي جباليه، بيت لاھيه ۽ بيت الحنون ۾ ٿي آھي ۽ انھن جي آس پاس وارا عل??ئقا فلسطيني آبادي جي رھائش جي قابل نه رھيا آھن. ھن چيو ته عالمي انساني قانونن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آھن. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته تڪرار وارين ڌرين کي شھ??ين ۽ انساني ھمدردي جي ڪارڪنن جو تح??ظ ڪرڻ گھرجي. پر افس??س هتي انھن لاءِ روڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن. گڏيل قومن جي سربراه غزه ۾ فوري جنگبندي، سمورن قيدين جي فوري آزادي ۽ عالمي قانون تحت ڏوھارين کي جوابده بڻائڻ لاءِ پن??نجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو.
اتر غزه ۾ فلسطيني شھرين جي حالت ناقابل برداشت آھي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی