رام الله – 6 نومبر (اي پي پي ) ف??سط??ن کي پورهئي جي عالمي اداري (آئي ايل او ) ۾ مبصر رياست جو درجو ملي ويو آهي. ف??سط??ني خابرو اداري م??اب?? آئي ايل او جي گورننگ بورڊ، عرب ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن جي صدر شاهر سعد سميت عرب ۽ عالمي يونينز جي نمائندن جي شرڪت سان هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ف??سط??ن جي تنظيم ۾ حيثيت کي قومي آزادي تحريڪ کان ” مبصر رياست “ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو منظور ڪيو ويو آهي. شاهر سعد ٻڌايو ته اهو فيصلو حتمي طور تي جون 2025ع ۾ ٿيندڙ عالمي ليبر ڪانفرنس ۾ منظور ڪيو ويندو. هن اشارو ڪيو ته اهو فيصلو ف??سط??ن کي آئي ايل او جي سموري تنظيمي ڍانچي ۾ مڪمل شرڪت جو حق ڏئي ٿو ۽ شريڪ م??مب??شپ ۾ وڃڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو . هن ٻڌايو ته ف??سط??ن پهريون ڀيرو 2025 ع ۾ حڪومت، مزدورن ۽ مالڪن تي ٻڌل هڪ ٽه ڌري سرڪاري وفد سان گڏ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو . انٽر نيشنل ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن (آئي ٽي ي?? سي ) جي جنرل سيڪريٽري لڪ ??را??ينگل چيو ته پورهئي بابت عالمي اداري طرفان تسليم ڪرڻ ف??سط??ني عوام لاءِ اميد ۽ انهن سان يڪجهتي جي علامت آهي، جيڪي انساني ۽ مزدور حقن جي معاملي ۾ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن . ??را??ينگل زور ڀريو ته ف??سط??ني رياست کي تسليم ڪرڻ پائيدار امن لاءِ ضروري آهي. عرب ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري هند بن عمار چيو ته عرب ۽ عالمي يونين ڪنفيڊريشنز ف??سط??ن جي آواز کي بلند ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون آهن ۽ انهن جو مقصد ف??سط??ن کي آئي ايل او گورننگ بورڊ ۾ مڪمل م??مب??شپ تائين وٺي وڃڻ آهي.
فلسطين کي پورهئي جي عالمي اداري ۾ مبصر رياست جو درجو ملي ويو
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena