واشنگٽن-13 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا يوڪرين لاءِ وڌيڪ 50 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امدادي ج?? نئين پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پرڏ??هي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏ??هي وزير انٽوني بلنڪن ان حوالي سان هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا يوڪرين کي فوري طور تي گهربل هٿيارن ۽ اوزارن جو هڪ ٻيو اهم پيڪيج فراهم ڪري رهيو آهي ج??هن ۾ ٻي?? اوزارن سان گڏو گڏ همارس راڪيٽ لانچرز، آرٽلري گوله بارو??، ڊرونز، بڪتربند گاڏيون ۽ ڪيميائي، حياتياتي، ريڊيولاجيڪل ۽ ايٽمي حملن کان حفاظت لاءِ گوله بارود شامل آهي. اها امداد هڪ مهينو اڳ آمريڪا طرفان يوڪرين لاءِ اعلانيل 988 ملين ڊالر جي فوجي امداد ۽ 725 ملين ڊالر جي هڪ ٻئي فوجي امداد جي پيڪيج کان علاوه آهي. واضح رهي ته موجوده آمريڪي انتظام??ا ايندڙ مهيني صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ کان اڳ يوڪرين کي وڌ کان وڌ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب