اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيڪسٽائيل، زرعي مشينري ۽ دواسازي جي ??عبن ۾ وسيع تر حصيداري سان سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم هائوس ۾ سينيگال جي ??در ميڪي سال سان خصوصي ۽ وفدن جي ??طح تي ڳالهين دوران وزيراعظم ٻطرفي واپار کي 30.469 ملين ڊالر ساليانو جي موجوده سطح کان وڌائي حقيقي صلاحيتن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وقت پاڪستان جي ??ينيگال جي لاءِ ساليانو روانگي واپار 29.33 ملين ڊالر آهي جڏهن ته سينيگال سان آمدني واپار جو ڪاٿو 1.06 ??لين ڊالر آهي. ڳالهين دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سينيگال جي ??در پنهنجي پنهنجي وفدن جي ??ربراهي ڪئي. وزيراعظم نواز شريف سينيگال جي ??در تي ز??ر ڀريو ته هو چمڙي ۽ هلڪي انجنيئرنگ جي مصنوعات، زرعي مشينري ۽ ساز و ??ام??ن سميت پاڪستاني مصنوعات مان فائدو کڻي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي واپار واري وزير جي ??ربراهي ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد سينيگال جو دورو ڪري سگهي ٿو. هن شگر ۽ سيمنٽ پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيگال کي فني تعاون جي فراهمي کانسواءِ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي ??ڇ پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا