اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پ?? پي) ناڻي واري وفاقي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار سان عالمي بئنڪ جي پاڪستان بابت ڪنٽري ڊائريڪٽر پاچا موٿوايلانگو جي س??براهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت جي بيان موجب ان موقعي تي حڪومت پاران اقتصادي سڌارن جي حوالي س??ن کنيل مختلف قدمن ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف جي تعاون سان اقتصادي ترقي ??ي ايجنڊا تي عمل جاري آهي ۽ حڪومت سڌارن جي پروگرامن کي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مسلم ليگ (ن) پنهنجي 2013ع جي چونڊ منشور ۾ به واعدو ڪيو هو. ناڻي واري وز??ر چيو ته هيستائين حڪومت پاران ڪيل سڌارن سان ملڪ کي فائدو پهتو آهي. هن حڪومت جي باقي مدي دوران پڻ سڌارن واري پروگرامن کي جاري رکڻ جو يقين ڏياريو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے