اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وزيراعظم هائوس اچڻ تي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. انڊونيشيا جي صدر کي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. هن گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ٽن جي ايف 17 ٿنڊر جهازن ونگ ڪمانڊر ڪاشف ڪمال جي قيادت ۾ 500 فٽ تائين هيٺئي?? اڏام ڪندي معزز مهمان کي سلامي پيش ڪئي ۽ فلائي پاسٽ جو شاندار مظ??هرو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ