ڪالا شاهه ڪاڪو – 25 مئي (اي پي پي) و??ير??عظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) گذريل پنج سالن دوران ملڪ جي تعمير ?? ترقي جي لاءِ بي مثال ڪم ڪيا آهن، اندروني، ٻاهرين ۽ سرحدي چئلينجز کي منهن ڏنو ?? ترقي جو سفر به جاري رکيو، اسان جا بدترين مخالف به ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته اسان جي پنج سالن ۾ هر شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي، پورو يقين آهي ته اسان جي ملڪ ۽ قوم جي خدمت کي نظر ۾ رکندي عوام هڪ دفعو ٻيهر ايندڙ چونڊن ۾ محمد نواز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندي، جيڪا حڪومت ڪي پي ڪي ۾ پنج سالن ۾ انقلاب نه آڻي سگهي اها 100 ڏينهن ۾ ڪهڙو انقلاب آڻيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ اماميه ڪالوني ريلوي ڪراسنگ شاهدره تي 6 لائين واري اوورهيڊ برج جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن