اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب اسيمبلي جي اسپ??ڪر چوڌري پرويز ا??اه??، هائوسنگ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما ۽ ايم اين اي چوڌري مونس ا??اه?? ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز ختڪ ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب اسيمبلي جي اسپ??ڪر چوڌري پرويز ا??اه?? چوڌري شجاعت حسين جي تيمارداري جي لاءِ سندس رهائشگاهه اچڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين جي صحت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پنجاب اسيمبلي جي اسپ??ڪر وزيراعظم کي پنجاب اسيمبلي جي نئين عمارت جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ