فيصل آ??اد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا وبا جي ٽئين لهر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومت ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ فيصل آ??اد ۾ اڳ کان قائم 6 ڪورونا ويڪسي ??يشن سينٽرز جي انگ کي وڌائي 11 ڪيو پيو وڃي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو انهن مان فائدو کڻي سگهن. ٻنپهرن جو ڪورونا ويڪسي ??يشن سينٽر اسپورٽس ڪمپليڪس سمن آ??اد فيصل آ??اد جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته نئين ويڪسينيشن سينٽرز تي ڏهاڙي 20 هزار ماڻهن جي اضافي ويڪسي ??ي??ن ڪري سگهبي جڏهن ته پنجاب حڪومت جي ويڪسي ??يشن مهم بهترين هل?? رهي آهي ۽ حڪومت جا ڪورونا قدم هر سطح تي ساراهيا ويا آهن. هن چيو ته ڪورونا جي وبا اچڻ تي اسان وٽ رڳو 400 ڏهاڙي ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت هئي پر هاڻي ڏهاڙي هزارين ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن.
حڪومت ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي: ميان فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ