ملتان – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ان کي خطي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آهي ۽ هتي رهند??ن جي اڪثريت اعتدال ??سند آهي، سي??لڪوٽ سانحي جي مذمت ڪريون ٿا، عالم ۽ سمورن مڪ??ب فڪر سان تعلق رکندڙ طبقا به ان واقعي جي نه ر??و مذمت ڪن پر لاتعلقي جو اظهار ڪن، هڪ طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳل رهندو آهي، اهو پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، آستانن مان سدائين محبت، رواداري، اخوت ۽ امن جو درس مليو آهي، عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه ر??ن عالم سهروردي ملتاني جي 708 هين سالياني عرس جي تقريب جي موقعي تي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ انهن جي اوليا الله سان عقيدت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ان پُروقار محفل ۾ سانحي سي??لڪوٽ تي پنهنجو ۽ حڪومت پاڪستان جو موقف واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قرار واقعي سزا ملندي، اسان جو عدل جو نظام انهن ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو.هن چيو ته ڪو به واقعو پاڪستان ۾ ٿيندو آهي ته هڪ مخصوص طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هو دنيا جي سامهون ابتڙ واقعا پيش ڪندو آهي اسان کي انهن کان محتاط رهڻو پوندو ۽ اهو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته مون برسلز ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪندي چيو ته اهڙا واقعن جو نه ته اسلام ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ رهند??ن جي اڪثريت اعتدال ??سند آهي ۽ سمورا مڪ??ب فڪر جي علماءِ مشائخ ۽ عام شهرين سي??لڪوٽ واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي ڇو ته ڪو به معاشرو ۽ مذهب اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏي.
پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ان کي خطي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت