انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي بئنڪاري، ڪسٽمز، زراعت ۽ لاجسٽڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار بابت معاملن جي حل لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ ??ابت گڏيل ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ ??ي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي م??اهدي کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا، ڪاروباري برادري کي پنهنجا رابطا وڌائڻ گهرجن ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ڪاروباري، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اه??يت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ترڪي جي دوري جو مقصد واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي م??تحڪم بڻائڻ تي ڌيان ڏيندي ترڪي جي ڪاروباري برادري سان رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف شين جي واپار جي م??اهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي اه??يت کي اجاگر ڪيو، جنهن سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي م??يشت کي فائدو ٿئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ رابطي جي منصوبن خاص طور تي اسلام آباد – تهران – استنبول (آءِ ٽي ٽي) ڪارگو ٽرين ٻنهي ملڪن جي واپارين کي موثر ۽ تيزي سان ڪ??روبار ڪرڻ لاءِ اضافي موقعا ميسر ايندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري کي پنهنجي نيٽ ورڪنگ کي وڌائڻ گهجي ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. ملاقات ۾ ترڪي جي واپار واري وزارت ۽ پاڪستان جي واپار واري وزارت جي تعاون سان هڪ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن لاجسٽڪس، بئنڪنگ، ڪسٽمز ۽ زراعت سميت ٻطرفي واپار بابت معاملن جو احاطو ڪرڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪري سگهجي. ترڪ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر مهمت موش ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت جو ادراڪ ڪرڻ ??ي وزيراعظم سان اتفاق ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي معاهدي کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور، ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ