ڪراچي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چي?? آهي ته ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي بزرگن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون. سنڌ جي وقتي گورنر جاري پنهنجي پيغام ۾ چي?? ته آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسان کي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪرڻ گهرجن ته هن اسان کي هڪ آزاد رياست سان نوازيو آه?? جنهن ۾ سمورن مذهبن جي پيروڪارن کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي مڪمل آزادي سان سمورن رنگ ۽ نسل جي شهرين کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن. هن چي?? ته اسان کي گذريل 75 سالن جي تجربن جي روشني ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي هن پاڪ ملڪ کي عالمي دن??ا جي افق تي نمايان مقام ڏياريون.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی