اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته فيڪ نيوز جمهوريت جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آه??، پنهنجي ڪوتاهين جي باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آه??، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين ڀارت جو جمهوري چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آه??، عالمي پارلياماني يونين موسمياتي تبديلي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري موسمياتي بحران کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ عالمي تعاون ۾ اضافي جي لاءِ مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي بين الپارلياماني يونين جي صدر دوراتي پشيگو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اقتصادي معاملن واري ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي ۽ رومينه خورشيد عالم پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلي دنيا کي درپيش سڀ کان مضبوط چئلينجز مان ه?? آهي، موسمياتي تبديلي اسان جي وقت جي زندهه حقيق?? آهي، پاڪستان کي ٻوڏ سان جنهن تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آه?? اهو موسمياتي تبديلي جي ڪري آه??. هن چيو ته معاشي بحران پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ ??ي پاڪستان جي صلاحيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آه??. هن عالمي برادري کي چيو ته اها اڳتي وڌي ۽ هن آفت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري. وزيراعظم بين الپارلياماني يونين کي چيو ته هو موسمياتي تبديلي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري موسمياتي بحران کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ ۾ مدد ڪري. هن چيو ته دنيا کي هن خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موسمياتي انصاف ??ي پيروي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ڪوتاهين جي باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آه?? جيڪو ماڻهن جي امنگن کي پورو ڪرڻ جو هڪ ذريعو آه??. هن فيڪ نيوز کي جمهوريت کي درپيش وڏن چئلينجن مان هڪ قرار ڏنو. وزيراعظم ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين خلاف ورزين خاص طور تي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين ڀارت جو نام نهاد جمهوري چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آه??. بين الپارلياماني يونين جي صدر تازي ٻوڏ دوران قيمتي انساني جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي پئماني تي نقصان تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو. هن موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ ترقي يافته ملڪن تي زور ڏنو ته اهي ڪاربن جي اخراج کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهين. هن پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين آءِ پي يو ريجنل س??مي??ار منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي کي ساراهيو. هن چيو ته هن تقريب سان ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ علائقائي ڪوششن کي هم آه??گ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
فيڪ نيوز جمهوريت جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، ڪوتاهين باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس