اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ما??ولياتي تبديلين جو معاملو موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ما??ولياتي تبديلين ۽ مسئلن جي حل بابت تنظيم (سي او پي – 27) جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي 195 ملڪن مان پاڪست??ن جي وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ چونڊڻ تمام وڏو عالمي اعزاز آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي – 27) جي اج??اس جي ناروي جي وزيراعظم، مصر جي صدر سان گڏ گڏيل صدارت ڪندو. اهو اج??اس شرم الشيخ مصر ۾ 6 کان 18 نومبر تي ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت سي او پي 27 جي صدارت مصر وٽ آهي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي وزيراعظم شهباز شريف کي سي او پي 27 اج??اس جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي. اج??اس ۾ عالمي سربراهن، حڪومتن جي سربراهن، عالمي مالياتي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا ذميوار شرڪت ڪندا. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ما??ولياتي تبديلين جي مسئلن ۽ ??ن جي حل جي حوالي سان هي 27 هون اج??اس هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جي ما??ولياتي تبديلين جي حوالي سان پراثر آواز تي ان کي اهو عهدو ڏنو ويو. تازي ٻوڏ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اج??اس ۾ ما??ولياتي تبديلين تي موثر آواز اٿاريو هو. ما??ولياتي تبديلين جي مسئلي کي ”ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ جي وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي ٻين ملڪن تائيد ڪئي هئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جو اج??اس 15 کان 16 سيپٽمبر تي ثمرقند ۾ ٿيو هو.
وزيراعظم شهباز شريف کي سي او پي – 27 جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاور بال