واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 2020ع جي صدارتي چونڊن دوران رياست جارجيا جي نتيجا تبديل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو. جرمن نشرياتي اداري موجب رياست جارجيا جي فلٽن ڪائونٽي جيل ۾ مگ شاٽ (جوابدار طور ??صو??ر) وٺڻ کانپوءِ 2 لک ڊالر مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر کي آزاد ڪيو ويو. آمريڪا جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن اڳوڻي صدر جي جيل ۾ جوابدارن سان گڏ ??صو??ر ڪڍي وئي. فلٽن ڪائونٽي جيل طرفان جاري تفيصل موجب کيس قيدي نمبر پي او 1135809 نمبر ڏنو ويو. سندس جسماني معائنو به ڪيو ويو، جيل مان آزاد ٿيڻ جي فوري بعد ڊونلڊ ٽرمپ ايئرپورٽ پهتو جتان هو ??يو جرسي لاءِ روانو ٿي ويو، ??يو جرسي روانو ٿيڻ کان اڳ هن ??يو ته هتي جيڪو ڪج??ه ٿيو ا??و ا??صاف جو مذاق آهي، مون ڪج??ه غلط ناهي ڪيو ۽ هر ڪوئي اهو ڄاڻي ٿو. هن پنهنجي خلاف ڪارروائي جي چونڊ مداخلت قرار ڏيندي ??يو ته اسان قطئي ڪج??ه غلط ناهي ڪيو ۽ اسان وٽ هڪ اهڙي چونڊ کي چئلينج ڪرڻ جو حق آهي جيڪو اسا?? جي خيال ۾ بدديانتي تي ٻڌل آهي. هن ??يو ته هي آمريڪا لاءِ شرمناڪ ڏينهن آهي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر صحافي?? جي سوالن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي صدر تي فوجداري ڏوهن جو ا??زام ناهي لڳو جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ 4 مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس مجموعي طور تي 91 الزام آهن.
چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت