رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏي??ي وزير شهزاده فيصل بن فرحان حماس طرفان اسرائيل تي اوچتي حملي بعد تشدد ۾ واڌ کي گهٽائڻ تي زور ڀريو آهي، عرب نيوز م??ابق بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سعودي عرب سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي عالمي قانون جو احترام ڪن. هوڏانهن سعودي پرڏي??ي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي پرڏي??ي وزير انٽوني بلنڪن 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن غزه ۽ ان جي ڀ??پاسي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خطرن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ضروري طريقو ڳولهڻ جي ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي ڌرين درپيش بحرا?? جي ناڪاري اثرن جو دائرو مهدود ڪرڻ لاءِ عالمي برادري جي گڏجي ڪم ڪرڻ واري اهميت اجاگر ڪئي ته جيئن عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي.علائقائي ۽ عالمي حالتن ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو. ياد رهي ته اسرائيل جي فوج حماس جي عسڪريت پسندن ک?? پوئتي هٽائڻ لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي. ان کان علاوه شهزاده فيصل بن فرحان سان فرانس ۽ هالينڊ جي پرڏي??ي وزيرن به ٽيليفون تي رابطو ڪيو. فرانس جي پرڏي??ي وزير غزه ۽ ان جي ڀ??پاسي ۾ تازي صورتحال ۽ اتي جاري ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. سعودي پرڏي??ي وزير چيو ته سعودي عرب ڪنهن به حالت ۾ شهرين کي نشانو بنائڻ جو مخالف آهي. سموريون ڌريون عالمي انساني قانون جو احترام ڪن، هالينڊ جي پرڏي??ي وزير سعودي پرڏي??ي وزير سان فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پيدا ٿيل غيرمعمولي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن غزه ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون.
سعودي عرب طرفان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ تشدد ۾ واڌ ختم ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر