ٽوڪيو -04 اپريل (اي پي پي ) جا??ان جي خصوصي ايلچي يميورا تسوڪسا چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن ، غزه تڪرار گهٽائڻ ۽ انساني امداد فراهم ڪرڻ جون سعودي ڪوششون جا??اني پاليسي سان ملندڙ آهن . اين ايڇ ڪي موجب جا??ان جي خصوصي ايلچي سعودي عرب ، قطر، اردن ۽ گڏيل عر ب امارات جي دوري تي آهن پنهنجي دوري دوران هن سعودي عرب ۾ سياسي معاملن جي انڊر سيڪرٽري ڊاڪٽر سعود بن محمد السااطي ۽ ڪنگ سلمان امدادي مرڪز ج اسسٽنٽ سپر وائزر جنرل آپريشنز اين?? پروگرامز احمد بن علي البائز سان ملاقات ڪئي يميورا تسوڪسا جي دوري جو مقصد عرب ملڪن ۽ عالمي تنظيمن سان وي??ها ناتا ڪري غزه تڪرار گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي جا??ان جي خصوصي صلحڪار جي بيان موجب سعودي عرب جا??ان جي پاليسي موجب غزه تڪرار گهٽ ڪرڻ ۽ انساني امداد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي يميورا تسو ڪسا ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل قرارداد 2728 کي جا??ان جي سربراهي ۾ منظور ڪيو قرارداد ۾ غزه ۾ رمضان شريف ۾ فوري جنگ بندي ۽ حماس جي حراست هيٺ يرغمالين جي فوري ۽ غير مشروط رهائي جو مطالبو ڪيو هيو .
غزه لاءِ سعودي ڪوششون اسان جي پاليسي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون: جاپان جو خصوصي ايلچي
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل