تهران – 04 ??پر??ل (اي پي پي) ايراني پرڏيهي وزير امير عبدلهيان يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي اعليٰ ن??ائندي جوزف بوريل سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ توقع ظاهر ڪئي ته يورپي يونين شام ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي حملي تي حقيقي ۽ فوري ڪاروائي ڪندي. روسي خابرو اداري تاس ايراني پرڏيهي وزارت جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته اسان ان ڏوهه جي فيصلائتي مذمت سان گڏو گڏ ان سلسلي ۾ حقيقي ۽ فوري قدمن جي توقع ڪريون ٿا. هن هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ ڇڪتاڻ جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو ج??ڪو اسرائيل کي مدد فراهم ڪري ٿو. واضح رهي ته پهرين ??پر??ل تي اسرائيل شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ ايران جي قونصل خاني جي عمارت تي فضائي حملو ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس