روم -19 جون (اي پي پي) امدادي تنظيمن، ڪوسٽ گارڊز جي اختيارين ۽ گڏيل قومن جي اينجنسين چي?? آهي ته اٽلي جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري تي پرڏيهين جون ٻه ٻيڙيون ٻڏي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 26 ٻارن سميت 60 گم آهن. اردو نيوز موجب جرمن امدادي اداري ريسڪ شپ جي ريسڪيو بوٽ تي سوار عملي کي ڪاٺين جي ٺهيل ٻ??ل ٻيڙي مان 61 ماڻهو مليا آهن جن مان 51 زنده جڏهن ته 10 فوت ٿي ويل هئا. گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري يو اين ايڇ سي آر ۽ پناهگيرن بابت عال??ي اداري ۽ گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسيف گڏيل بيان ۾ چي?? آهي ته ٻيڙي ليبيا مان شام، مصر، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي رهندڙن کي کڻي روانو ٿي هئي، ٻيڙي جو ٻيو حادثو اٽلي جي علائقي ڪيليبريا جي اٽڪل 200 ڪلوميٽر (125 ميل) فاصلي تي پيش آيو جڏهن 8 ڏينهن پهرين ترڪيه مان روانو ٿيل ٻيڙي ۾ باهه لڳي وئي ۽ اونڌي ٿي پئي. رومي سمنڊ ۾ پيش آيل ٻنهي حادثن ۾ هن وقت تائين 64 پرڏيهي گم آهن.
رومي سمنڊ ۾ ٻيڙي سان حادثو، 11 ماڻهو ٻڏي فوت، 26 ٻارن سميت 60 پرڏيهي گم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج