برسلز-03 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعليٰ نمائند?? جوزف بوريل گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتيريش ک?? اسرائيل طرفان اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي ملڪ ۾ داخلا بند ڪرڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب جوزف بوريل ايڪس اڪائونٽ تي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان ان خلاف ٿيل غير منصفاڻن حملن ۽ گڏيل قومن جي انساني همدردي وارن معاملن سان سلهاڙيل ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ جاني نقصان ٿيڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل جي وچ اوڀر سميت سمورن تڪراري ??لائقن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس بي پناهه ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل به سوشل ميڊيا تي چيو ته اسان گڏيل قومن پاران امن جي قيام جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ