ابوجا _ 18 آڪٽوبر (اي پي پي ) نائجيريا ۾ دستن جي بيماري سبب فوتين جو انگ 378 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان وبا سبب فوتين ۾ هلندڙ مهيني دوران 19 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون . نائجيريا ۾ گذريل ??نو??ي کا?? شروع ٿيل ان وبا سبب م??اثر ماڻهن جو انگ 14 هزار کا?? وڌي ويو آهي. نائجيريا سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن (اين سي ڊي سي) جي سربراهه جيڊ ادريس گادي واري شهر ابوجا ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته 13 آڪٽوبر تائين ملڪ جي 36 مان 35 رياستن ۾ دستن جي وبا جا 14،237 ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن ۾ فوتين جي شرح 2.7 سيڪڙو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ دستن جي وبائي صورت اختيار ڪرڻ جو سبب ٻوڏ جو نقصان ، صاف ??اڻي جي عدم فراهمي خاص طورتي ذڪر جوڳا آهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز