اسلام آباد ?? 23 ??ارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اڄ پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، اسان جي روايتي ۽ ايٽمي طاقت جو مقصد عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ آهي، ان لاءِ پوري دنيا، خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان امن ۽ دوستي چاهيون ٿا پر ڀارت جو غير ذميداراڻو طرز عمل ۽ ان طرفان لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري جي ??سل??ل خلاف ورزي جي واقعن خطي جي امن کي د??ءُ تي لڳائي ڇڏ??و آهي. هو پريڊ گرائونڊ ۾ خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اڄ جو ڏينهن هڪ عزم جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو، اهو عزم جيڪو يقين ۾ بدليو ته ان جي طاقت ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي قائداعظم جي دور انديش قيادت ۾ هڪ اهڙي قوت عطا ڪري ڇڏ?? جنهن جي جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ دنيا جي تاريخ ۽ جاگرافيائي ٻئي تبديل ٿي ويون ۽ ڀٽ??يل قوم کي دنيا جي نقشي تي هڪ دائمي ۽ واضح نظرياتي سڃاڻپ ملي وئي.
پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي: صدر ممنون حسين
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون