اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم او??نگزيب چيو آهي ته پوري پاڪستان مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جو ٺيڪو اهو شخص کڻي رهيو آهي جنهن جي پنهنجي جعلسازي ختم نه پئي ٿئي، عمران خان جي پنهنجي گهر جي اين او سي جعلي نڪتي، سندس پاران 3 ڏينهن کان ڪو ٽوئيٽ ناهي آيو ته سندس اين او سي اصلي آهي يا جعلي، ان جو جواب به اچڻ گهرجي، اڳو??ي وزيراعظم محمد نواز شريف جي خلاف هڪ ٻئي پٺ??ان ريفرنس اچي رهيا آهن ۽ گهر جا جعلي دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ تي عمران خان ک?? ٻن هفتن جي مهلت ڏني وڃي ٿي. مملڪتي وزير مريم او??نگزيب اڳو??ي وزيراعظم محمد نواز شريف جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس