اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻطرفي واپاري، سيڙپڪاري ۽ عوامي ڪاروباري سطح تي لاڳاپن جي فروغ ۽ مضبوط اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي لاءِ ن??ي شعبي جي حوصلا افزائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب جي ول?? عهد نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي مڪمل ٿيڻ تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پڌرنامي موجب ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 17 ۽ 18 فيبروري ج?? ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو. وفد ۾ ساڻس گڏ وزير ۽ ڪاروباري شخصيتون پڻ هيون.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن