اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 4728 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس جي ت??ديق ٿيل ڪيسن جو انگ 1،03،671، ايڪٽو ڪيسن جو انگ 67249 ۽ فوتگيون 2067 ٿي ويون آهن، هڪ ڏينهن ۾ 22650 ماڻهن جا ڪورونا وائرس ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، 2553 مت??ثر ماڻهو اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 1382 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. نيشنل ڪمانڊ ??ينڊ ??پريشن سينٽر اين سي او سي جي ت??زي اپ ڊيٽ موجب پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 38 هزار 903 تائي?? پهچي ويو آهي، سنڌ ۾ 38 هزار 108 ڪورونا ڪيسز رپورٽ ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن جو انگ 13 هزار 487 ۽ اسلام آباد ۾ 5329 ٿي ويو، بلوچستان ۾ 6516، گلگت بلتستان ۾ 932 ڪيس رپورٽ ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 396 ٿي ويو. سڄ?? ملڪ ۾ هيستائين 34 هزار 355 مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وائرس بابت تازي اپ ڊيٽ جاري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج