اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته فرانس جي حڪومت ?? قيادت انتشار ۽ تعصب کي جنم ڏيندڙ قدمن بدران عوام کي متحد رکڻ وارا قدم کڻي ڇو ته ائين نه ڪرڻ سان جيڪو نقصان ٿيندو اهو سالن تي ٻڌل هوندو، فرانس حڪومت ?? قيادت مسلمانن کي گهيري ۾ آڻڻ واري طرز عمل ۽ قانونن کان پاسو ڪري، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ مقدس شخصيتن جي توهين جي خاتمي لاءِ ٺوس عالمي قدمن ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سمورن اقليتن سميت اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ايوان صدر ۾ مذهبي ۽ اقليتي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۽ امپلي مينٽيشن مينارٽيز فورم جي اهتمام هيٺ مذهبي آزادين ۽ اقليتن جي حقن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي صدر بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ بابت اسلامي تاريخ جا ڪيتر??ئي حوالا ڏنا ۽ ??يو ته پيغمبر اسلام صه ۽ خلفاءِ راشدين جا دور بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان مثالي دورن جي حيثيت رکن ٿا. اسلام ۾ اقليتن جي حقن جو مڪمل احاطو ڪيو ويو آهي. صدر ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ رهندڙ اقليتي مسلما??ن جي تاريخي جدوجهد تي پڻ روشني وڌي ۽ ??يو ته پاڪستان قائم ڪرڻ کانپوءِ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جا اقليتن بابت فرمان اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. پاڪستان جو آئين ملڪ ۾ رهندڙ سمورن اقليتن جي حقن جو ضامن آهي. هن ??يو ته آئين جي آرٽيڪل 20، 21، 25 ۽ آرٽيڪل 27 اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ فراهم ??ن ٿا. هن وقت قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبرن جو انگ 10 ۽ سينيٽ ۾ 4 آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن کي آئيني طور تي تحفظ فراهم ??يو ويو آهي. اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب ۽ بين الثقافتي هم آهنگي جي لاءِ اسان پنهنجي جدوجهد ۽ ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان جي حڪومت ان حوالي سان پرعزم آهي. مينارٽيز ڪميشن ۽ ڪيترين ئي ڪميٽين جي سطح تي ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب ۽ بين الثقافتي هم آهنگي جي لاءِ ڪوششن کي هيٺئين سطح تائين وسعت ڏني وڃي. پاڪستان ان حوالي سان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. صدر ڀارت ۾ انتهاپسنداڻي هندو قوم پرست نظرين جي اثر هيٺ ڪيل فيصلن ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو ذڪر ڪندي ??يو ته هندستان ۾ اڪثريت جي حق ۾ ۽ اقليتن جي خلاف قانون تبديل ڪيا پيا وڃن جنهن سان صورتحال خراب ٿي رهي آهي، اهو هڪ خطرناڪ رجحان آهي ۽ ان سان اقليتن جي قتلام طرف رجحان قائم ٿي سگهي ٿو. ڀارت جي پارليامينٽ ۾ مسلما??ن جي رڳو ٻه سيڪڙو نمائندگي آهي. صدر ??يو ته ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف قدمن ۽ قانونن کي منفي انداز ۾ تبديل ڪرڻ سان جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي ان سان پاڪستان تي پڻ اثر پئجي سگهن ٿا. صدر اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ مقدس شخصيتن جي توهين جي خاتمي لاءِ ٺوس عالمي قدمن ۽ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ??يو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ان حوالي سان واضح پيغام ڏنو آهي ته ناموس رسالت صه جي معاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، مسلمان پنهنجي پيغمبر صه سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت رکن ٿا. جهڙي طرح اولهه ۾ هالو ڪاسٽ بابت قانونسازي ڪئي وئي آهي اهڙي طرح اسلام ۽ ٻين مذهبن جي مقدس شخصيتن جي عزت ۽ تڪريم جي معاملي کي اهميت ڏيڻ گهرجي.
فرانس جي حڪومت ۽ قيادت انتشار ۽ تعصب کي جنم ڏيندڙ قدمن بدران عوام کي متحد رکڻ وارا قدم کڻي: صدر
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania