اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊڊ انڊسٽري کي ڪاٽن ۽ سوٽي ڌاڳي جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ سوٽي ڌاڳي جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي، روينيو ۽ صنعت ۽ پيداوار و??ري وفاقي وزير محمد حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي و??ري وفاقي وزير اسد عمر، نجڪ??ري و??ري وزير محمد ميان سومرو، بحري معاملن و??ري وفاقي وزير علي حيدر زيدي، توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب خان، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر ام??م، روينيو با??ت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، بجلي با??ت خاص مددگار تابش گوهر، وفاقي سيڪريٽرين، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سيڙپڪ??ري بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران سرڪ??ري شعبي جي آر ايل اين جي جي بنياد تي هلندڙ پاور پلانٽس قائداعظم ٿرمل پاور پلانٽ، بلوڪي پاور پلانٽ ۽ حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ لاءِ پاور پرچيز ايگريمينٽ ۽ گئس سپلائي ايگريمينٽ ۾ 66 سيڪڙو ٽيڪ آر پي ڪمٽمنٽ جي ڇوٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي، انهن ترميمن جي نتيجي ۾ بجلي ۾ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ماهوار پيداو??ري منصوبو داخل ڪرڻ جا پابند هوندا، بجلي جو خريدار پنهنجي ??رو??تن بابت معلومات داخل ڪرائڻ جو اهل هوندو پاور پرچيز ايگريمينٽ تحت سسٽم آپريٽر ۽ آپريٽنگ ڪميٽي ان کي حتمي شڪل ڏيندي، گئس سپلائي ايگري مينٽ موجب ماهوار ڊليوري پلان کي پاور پرچيز ايگريمنٽ جي ماهوار شيڊول سان جوڙيو ويو آهي، ماهوار پيداو??ري منصوبو(ايم پي پي) تي ايندڙ سال کان عملدرآمد ٿيندو. ڪميٽي ان بابت لاڳايل حصيدارن جي راءِ ٻڌڻ کانپوءِ سمري جي منظوري ڏني، ڪميٽي ماهوار پيداو??ري منصوبي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ بجلي ۽ گئس جي خريد ۽ فڪسڊ بدران حقيقي ??رو??تن موجب خريد??ري ڪري سگهندا.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت