اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ??سودي تي سمورين ڌرين س??ن اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊ??جيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن، ڊ??جيٽل ايڊورٽائيزنگ ڪجهه سالن ۾ 25 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، پاڪستان برطانيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، اميد آهي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سان پنهنجي ??اليسي تي نظرثاني ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي ??اءِ آيل پاڪستان ۾ برطانيا جي ??اءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير برطانوي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان ۾ تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي بابت آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو مقصد ميڊيا جي ترقي ۽ موثر استحڪام جي ??اءِ ٺوس موقف کي يقيني بڻائڻ ۽ ميڊيا پريڪٽيشنرز ۽ ڪنزيومرز کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي ??روغ لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري قدرن جو تحفظ، فروغ ۽ تنقيد جو حق ڪنهن به مهذب جمهوري معاشري جي ??اءِ لازمي آهي. چوڌري فواد حسين برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته هن وقت 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا جي ادارن کي هلائي رهيون آهن جن ۾ پيمرا، پريس ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي، سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسرز، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ امپلي مينٽيشن ٽربيونل فار نيوز پيپرز ايپملائيز شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن ريگيوليشن جي ??وجوده طريقيڪار تحت اٽڪل اڌ درجن فرسوده قانون موجود آهن جيڪي ميڊيا جي جديد دور جي گهرجن کي پورو نه ٿا ڪن. هن چيو ته تجويز ڪيل فريم ورڪ عالمي طريقن موجب چئلينجز کي ختم ڪندو ته جيئن پاڪستان کي ملٽي ميڊيا انفارميشن اينڊ ڪانٽينٽ سروسز جي ??اءِ هڪ وڏو عالمي مرڪز بڻائي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جديد دور جي گهرجن موجب هڪ واحد قانون آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ميڊيا پليٽ فارمز ۽ شهرين جي ??اءِ سهولتن تي ڌيان هجي. هن چيو ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ترقي، جدت، ڊ??جيٽل معيشت تربيت ۽ تحقيق تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ پريس ڊائريڪٽوريٽ، ڊ??جيٽل ميڊيا اينڊ فلم ڊائريڪٽوريٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ، ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل هوندا. هن چيو ته هڪ جمهوري معاشرو هجڻ جي ڪري پاڪستان ۾ ميڊيا جو هڪ متحرڪ منظرنامو آهي، پاڪستان ۾ 114 سيٽلائيٽ ٽيليويزن چينلز ڪم ڪري رهيا آهن جن مان 31 نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جا چينلز آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ايف ايم چينلز جو مجموعي انگ 258 آهي جن مان 196 ڪمرشل ۽ 62 نان ڪمرشل آهن. هن ٻڌايو ته اطلاعات واري مملڪتي وز??ر جي صدارت ۾ قائم ڪميٽي نجي شعبي جي ڌرين سان مشاورت جو سلسلو جاري رکيو آهي، ان ڪميٽي اي پي اين ايس، سي پي اين اين، پي بي اي ۽ پي ايف يو جي جي عهديدارن ۽ پريس ڪلبن س??ن اجلاس منعقد ڪيا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي هاءِ ڪمشنر تجويز ڏني ته پي ايم ڊي اي جي ??سودي کي حتمي ش??ل ڏيڻ ک??ن اڳ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي يقين ڏياريو وڃي ته هي اٿارٽي صحافين جي سهولت لاءِ آهي جڏهن ته ان سان تنقيد جو حق متاثر نه ٿيندو. ملاقات ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سان پنهنجي ??اليسي تي نظرثاني ڪندي ڇو ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي انگن اکرن جي حوالي سان برطانيا جا ڪيترائي خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان