اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي اداري جي افغان عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون افغانس??ان ۾ انساني بحران کان اڳ ??ي خبردار ڪري ڇڏيو هو، هاڻي خوراڪ جي عالمي اداري جي سربراهه الرٽ جاري ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? گهرجي. برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ته افغانس??ان ۾ خزان جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم جي شروعات سان ڪيترن ئي علائقن سوڪهڙي جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ افغان عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته افغانس??ان ۾ عوام کي خوراڪ جي سخت کوٽ درپيش آهي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي ڪري اهو بحران خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪيو هو، ان به صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانس??ان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.
افغان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات