اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ج??ري بيان موجب وزيراعظم گڏيل هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، و??يراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان عل??ئق??ئي خوشحالي لاءِ رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ازبڪ صدر وزيراعظم پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي جنهن سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں