اسلام آباد – 15 ̵1; م??ي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ سک برادري سان تعلق رکندڙ ٻن پاڪستانين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبي ۾ شهرين خاص طور تي غيرمسلمان پاڪستانين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي، رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان دهشتگردي جي پٺيان پاڪستان دشمني آهي، اهڙن دشمنن کي ختم صفحه هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي گهرڀاتين سان دلي ه??دردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته متاثر خاندانن کي يقين ڏياريون ٿا ته قاتلن جي گرفتاري ۾ وفا??ي حڪومت مڪمل تعاون ڪندي.
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil