اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت مل?? ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان مقصد جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ مل?? جي ٽن هوائي اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريعي هلايو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ايوي ايشن جي معاملن جي حوالي سان منعقد اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ مل?? ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. پهرين مرحلي ۾ مل?? جي ٽن وڏن هوائي اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريعي هلايو ويندو. انٽرنيشنل آپريٽرز اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي هوائي اڏن کي هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا. 20 کان 25 سالن جي عرصي جي مدي جي لا??ِ انٽرنيشنل آپريٽرز انهن ادارن کي هلائڻ ۾ مدد ڪندا. ورلڊ بئنڪ جي ذيلي اداري انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آ??ِ ايف سي) جي مدد حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ڪنسلٽينسي جا فرض سرانجا?? ڏيندي. فيصلي موجب انٽرنيشنل آپريٽرز هوائي اڏن تي سروس جا عالمي معيار مهيا ڪندا. پرڏيهي سيڙپڪاري سان هوائي اڏن ۾ جدت ۽ بهتري آندي ويندي. اجلاس پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي کي ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم سمورو عمل شفافيت جي اعليٰ ترين معيارن ۽ مل??ي قانونن موجب يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 44 ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فارمولي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. انهن مل??ن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت، بحرين، برازيل به شامل آهن. جتي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول تي هوائي اڏن جو انتظام هلايو پيو وڃي.
وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔