اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شاگردن تي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. فضائيه ميڊيڪل ڪاليج جي ٻئي ڪانووڪي??ن کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڪاليج مان فارغ ٿي??دڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا کي هن وقت موسمياتي تبديليون درپيش آهن، پاڪستان موزي ڪورونا وائرس جي و??ا جو مقابلو بهتر طريقي سان ڪي??. س??ائين ڪوشش رهي ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ بهتري آندي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا هن وقت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بهتري طرف گامزن آهي. موسمياتي تبديلين سان ٿي??دڙ نقصانن تي پوري دنيا پاڪستان سان گ?? بيٺل آهي. دنيا جو مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گ?? بيهڻ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪندڙ ملڪ ترقي ڪندا. اسان جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ملڪ ۾ طب جي شعبي کي بهتر بڻايو وڃي. هن فضائيه ميڊيڪل ڪاليج ۾ پاس ٿي??دڙ سمورن گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته شاگرد پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ڪڏهن به نه وسارين. پرڏيهي وزير چيو ته پاس ٿي??دڙ نوجوان ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته هر مشڪل توهان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هن ان موقعي تي ميڊيڪل جي شاگردن کي سنڌ جي اسپتالن جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.
شاگرد معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار