اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. صد?? نامزد سفير کي تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ?? ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فورمن تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ م??بوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نامزد سفير ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ م??بوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.
صدر سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔