اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڏيوالو نه ٿيندو، حڪومت ڊسمبر تائين سمورين پرڏيهي ادائيگين کي يقيني بڻايو آهي، گذريل چئن سالن ۾ دنيا جي 24 هين وڏي معيشت کي 47 هين جي پوزيشن تي پهچايو ويو، اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي ۽ معاشي ??وس?? جي سفر کي ٻيهر شروع ڪيون، ان ل??ءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واريون پاليسيون جوڙيون ويون آهن، جامع ۽ پائيدار اقتصادي ??وس?? ل??ءِ پرعزم آهيون. اها ڳالهه هن نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن ۽ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ رٿيل اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ تحت پاڪستان جي اقتصادي چئلينجز جي موضوع تي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي اقتصادي سلامتي سان جڙيل آهي، اقتصادي سلامتي قومي دفاع ۽ پائيدار ??وس?? ل??ءِ به اهميت رکندڙ آهي، ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان اهم جاگرافيائي بيهڪ رکندڙ ملڪ آهي، پاڪستان پنهنجو ڌيان جيو پاليٽڪس کان جيو اڪنامڪس تي ڏئي رهيو آهي، پاڪستان هڪ تمام وڏي مارڪيٽ آهي ان ل??ءِ اقتصادي سفارتڪاري کي اهميت ڏني پئي وڃي، اسان علائقائي رابطن کي ترقي ڏيڻ کي ضروري سمجهون ٿا ان مقصد ل??ءِ علائقائي امن ضروري آهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ ايس سي او، سارڪ ۽ اي سي او سميت سمورن علائقائي ۽ عالمي پليٽ فارمز تي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هي عالمگير اقتصادي شراڪتداري جي حوالي سان اهم منصوبو آهي ۽ ان سان ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سماجي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي . ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ روس يوڪرين جنگ، چين آمريڪا واپاري تڪرارن، گهٽ شدت جي تڪرارن ۽ ڪووڊ کانپوءِ جي صورتحال سبب عالمي سطح تي معيشتن تي اثر پيا آهن، ان سان پاڪستان سميت پوري دنيا خاص ڪري اسرندڙ ملڪن ۾ قيمتن ۾ اضافو ٿيو ۽ عوامي مشڪلاتون وڌيون آهن. هن ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ مفاهمت ۽ معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ ان کي خطي ل??ءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. ناڻي واري وزير چيو ته چين هن معاهدي ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي، ماضي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شيف ۽ اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف پڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جون ڪوششون ڪيون هيون، هن چيو ته اقتصادي، سماجي ماحولياتي پائيداريت ل??ءِ اقتصادي ترقي ۽ ??وس?? ضروري آهي، پاڪستان اقتصادي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ جامع قدم کنيا آهن. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلي کان بري طرح متاثر ٿيا آهن، پاڪستان ان صورتحال جي روشني ۾ غذائي سلامتي ل??ءِ قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي، زراعت، واٽر مينيجمينٽ ۽ وسيلن کي گڏ ڪرڻ ل??ءِ قدم کنيا ويا آهن. حڪومت جامع ۽ پائيدار اقتصادي ترقي ۽ ??وس?? کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ پرعزم آهي. هن حڪومت کي ورثي ۾ ملندڙ مشڪلاتن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته موجوده اتحادي حڪومت کي ڳرا مالياتي خسارا، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۽ ڳرا واپاري خسارا ورثي ۾ مليا آهن، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي کي ٽوڙيو جنهن سان ملڪي مسئلن ۾ اضافو ٿيو، اڳوڻي حڪومت 39.7 ارب ڊالرن جو واپاري خسارو ۽ 17.4 ارب ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڇڏيو آهي، ان سان گڏ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ٿي، اڳوڻي حڪومت قرضن ۾ خاطر خواه اضافو ڪيو ۽ ان سان 45 ارب ڊالرن تائين پهچائي ڇڏيو، ناڻي واري وزير چيو ته موجوده حڪومت اڳوڻي حڪومت طرفان ڇڏيل مسئلن کي منهن ڏيڻ ل??ءِ قدم کڻي رهي هئي ته ان دوران تاريخ جي بدترين ٻوڏ آئي جنهن اسان جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو. جڏهن ته ناڻي واري وزير چيو ته انهن مشڪلاتن باوجود حڪومت قومي معيشت ۽ عوامي فلاح۽ ??هب??د ل??ءِ پرعزم آهي، حڪومت پنهنجي سياسي اثاثي جي قيمت تي ملڪي ۽ رياستي مفادن ۾ مشڪل فيصلا ڪيا، ڇاڪاڻ ته رياست سياست کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي، غير بجيٽي سبسڊيز جو خاتمو ڪيو ويو، توانائي جي شعبي ۾ سبسڊيز ختم ڪيون ويون، ناڻي ۽ مالي استحڪام تي ٻڌل پاليسيون متعارف ڪرايون ويون، اسان عوامي مشڪلاتن کان چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ انهن مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ل??ءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته موجوده حڪومت جي پاليسين سبب ايف بي آر جي روينيو ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۽ واپاري خساري ۾ نمايان گهٽتائي ٿي، مارچ ۾ پرائمري بيلنس فاضل ٿي ويو آهي، حڪومت جامع ڍانچا جاتي ۽ اقتصادي سڌارن ۾ پرعزم آهي، ان سان گڏ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۾ اضافو، آمدني واپار جي حوصلا شڪني، روانگي واپار ۾ واڌ ۽ روينيو ۾ اضافو، ايس ايم ايز ۽ زراعت جي شعبي تي اسان جي توجهه آهي، زراعت حڪومت جي اولين ??رج??حن ۾ شامل آهي، زرعي اوزارن تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، 17 ارب روپين کان وڌيڪ جو آبادگار پيڪيج ڏنو ويو آهي، ان سبب هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ نمايان وڌا ٿي آهي. حڪومت ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ ل??ءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آساني ل??ءِ جامع قدم کنيا ويا آهن، سيڙپڪاري ل??ءِ قانون ۽ پاليسيون متعارف ڪرايون ويون آهن، روانگي واپار جي صنعتن ل??ءِ رياعتي ڏنيون ويون ۽ کين چٽاڀيٽي واري قيمت تي توانائي فراهم ڪئي پئي وڃي، حڪومت سرڪاري ڪاروباري ادارن کي لاڀائتو بڻائڻ ل??ءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ حڪومت معاشري جي معاشي ط??ر تي ڪمزور طبقن ل??ءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ 400 ارب روپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سي پيڪ ۽ خصوصي اقتصادي زونز تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جون 2018ع جون پاليسيون جاري هجن ها ته ملڪي معيشت نمايان ترقي ڪري ها. گذريل چئن سالن ۾ دنيا جي 24هين وڏي معيشت کي 47 هين نمبر تي پهچاي ويو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي ۽ معاشي ??وس?? جو سفر ٻيهر شروع ٿئي، ان ل??ءِ مختصر، وچولي، ڊگهي مدي وارون پاليسيون جوڙيون ويون آهن، هن چيو ته اسان پنهنجي قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿا ڪري سگهون، اسان ماضي ۾ هڪ طرف دفاعي بجيٽ کي 500 ارب کان وڌائي 1100 ارب روپين تي پهچايو هو ان سان گڏوگڏ پي ايس ڊي پي ۾ پڻ نمايان اضافو ڪيو هو، پاڪستان ايٽمي ۽ ميزائيل قوت آهي ۽ هي ڊيٽرنس ضروري هو.
پاڪستان ڏيوالو نه ٿيندو، حڪومت ڊسمبر تائين سمورين پرڏيهي ادائيگين کي يقيني بڻايو آهي: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ تحت پاڪستان جي اقتصادي چئلينجز جي موضوع تي سيشن کي خطاب
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2