راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي علائقي بنون ويجهو بڪاخيل ۾ سيڪيورٽي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ 3 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آپگهاتي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ افغان شهريءَ طور ٿي، جنهن جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي جي حافظ ??ل بهادر گروپ سان آهي. آءِ ايس پي آر مط??بق بڪاخيل ۾ موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي حملو ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي ??افلي تي حملو ڪندي پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اُڏائي ڇڏيو. آپگهاتي حملي ۾ 2 معصوم شهري شهيد ٿي ويا ۽ 3 فوجي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر مط??بق علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي ??عنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار