اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپڊا کي پن بجلي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگ?? جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ، خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪرڻ ۽ دهشتگرد?? جي خاتم?? جي حوالي سان صوبي جي ل??ءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگ?? جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبرپختونخواهه ۾ بجل?? جي شعبي ۾ سڌارن ۽ دهشتگرد?? جي خلاف جنگ جي شهيدن جي خاندانن جي ڀلائ?? جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي بجلي چور?? جي خاتمي جي ل??ءِ جاري آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ان حوالي سان صوبائي انتظاميا، بجل?? جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، واپڊا ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قدمن کي ساراهيو. اجلاس کي پن بجل?? جي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم واپڊا کي هدايت ڪئي ته ان معامل?? جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه کي پن بجلي منصوبن جي حوالي سان سمورين رهتن جي ادائيگي فوري يقيني بڻائي وڃي ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته سمورن صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي، وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه سميت سمورن صوبن جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ جاري پن بجل?? جي منصوبن ۽ پاڻي ذخيرن جي تعمير تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن ۽ پن بجل?? جي منصوبن جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي وڃي. پاڪستان کي الله رب العزت پاڻ?? جي وسيع وسيلن سان نوازيو آهي جن جو استعمال بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بهتر آبپاشي ۽ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ٺاهڻ جي ل??ءِ جاري منصوبن تي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل ??ه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم دهشتگرد?? جي خاتم?? جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي ل??ءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي ل??ءِ پڻ هدايت ڪئي شهداءِ ويلفيئر فنڊ کي فوري طور تي شهيدن جي گهرڀاتين تائين پهچايو وڃي، شهيدن ملڪ جي بقاءَ ۽ دفاع جي ل??ءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته دهشتگرد?? جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جا خاندان هن قوم جا محسن آهن، انهن جي ڀلائي ل??ءِ مخصوص رقم جي ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت ??ه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، قبائلي علائقن جي معاملن واري وزير عامر عبدالله، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران واپڊا کي پن بجلي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگيون ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان صوبي جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : sorteios quina