اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي جي گهرواريءَ ثم??نه عارف علوي خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا جي اقتصادي سرگرمين جو حصو بڻجڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي ته اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ وِد پرسنز وِد ڊِس ايبلٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي ته خصوصي ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. ثم??نه عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهو ملڪ جي آبادي جو 10 کان 12 سيڪڙو آهن جڏهن ته انهن جي معاشري ۽ عوامي سطح تي نمائندگي جي کوٽ آهي. هن ان ڳالهه تي اف??وس جو اظهار ڪيو ته معذوري بابت منفي روين جي ڪ??ي خاندانن پنهنجي اهڙن ماڻهن کي گهرن تائين محدود رکيو ۽ انهن جي ٻاهرئين سرگرمين کان پاسو ڪن ٿا. ان کانسواءِ عوامي عمارتن ۽ پارڪن ۾ ريمپس جهڙي بنيادي ڍانچي جي کوٽ ??ڻ معذور ماڻهن جي چرپر کي محدود ڪري ٿي. ثم??نه عارف علوي معاشري ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مرڪزي ڌارا جي اسڪولن ۾ اهڙن شاگردن کي تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو. هن استادن جي تربيت ۽ معاشري کي حساس بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيڪڏهن خصوصي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن سميت وسيع موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ايوان صدر جي پليٽ فارم تان خصوصي ماڻهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع آگاهي مهم هلائي وئي آهي، ان مهم کي غيرسرڪاري تنظيمن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ميڊيا جي حمايت حاصل رهي آهي. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي کاتن بشمول بئنڪن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ويلفيئر فائونڊيشنز تي زور ڏنو ته اهي خصوصي ماڻهن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پاليسيون جو اختيار ڪن. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته حڪومت ۽ بئنڪون خصوصي ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن کي آسان قرض ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ اهڙن شاگردن کي وظيفن ۽ فيسز ۾ ڇوٽ ڏئي رهي آهي. ثم??نه علوي سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ مخصوص ڪوٽا کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ نجي شعبي تي به زور ڏنو ته اهي ان جي پيروي ڪن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اين او ڊبليو پي ڊي پي اهڙن ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر تي ٻڌل تربيت ڏئي رهيو آهي ۽ انهن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.
خصوصي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي: ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن