اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آه?? ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 5 جنوري ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي ڏينهن طور ملهايو ويو. 1949ع ۾ ان ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) ان ڳالهه جي ضمانت ڏني هئي ته ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻو ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرايو ويندو ته جيئن ڪشميري عوام پ??هن??ي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهي. ترجمان چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آه??، هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پ??هن??ي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جڪي قانوني حق جي توثيق ڪري ٿي، اهو غيرملڪي قبضي تحت ماڻهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 70 سال کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميرين کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آه??. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو پ??هن??ي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪري ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پ??هن??ي خودمختياري جو هق استعمال ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پ??هن??ي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات