اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان ج??لي هدايتنامو ??هلائڻ کانپوءِ هاڻي چيف اليڪشن ڪ??شن?? کي هدف بڻايو پيو وڃي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيئن جيئن اسان چونڊن جي ويجهو وڃي رهيا آهيون، اهڙي طرح جا حربا وڌي رهيا آهن، اڄ نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان هڪ جعلي هدايتنامو ٺاهيو ويو ۽ ان کي ڦهلايو ويو، هاڻي چيف اليڪشن ڪ??شن?? کي هدف بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ج??ري ڪيل پڌرائي پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪ??شن?? جي نالي ۽ تصوير سان ج??لي واٽس ايپ اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عوام کي گذارش آهي ته اها چيف اليڪشن ڪ??شن?? جي نالي ۽ تصوير سان ٺاهيل انهن ج??لي واٽس ايپ اڪائونٽس ۽ انهن جي ذريعي ڦهلايل جعلي پيغامن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کان هوشيار رهندي ان کي نظرانداز ڪري.
اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان جعلي هدايتنامو ڦهلائڻ کانپوءِ هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر کي هدف بڻايو پيو وڃي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس